اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به وفاقي وزيرن، حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حڪومتي وزيرن ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين جي ميمبرن سخت تنقيد جو عمل جاري رکيو، مذهبي مامرن جي وفاقي و زير مفتي عبدالشڪور چيو ته هڪ طرف آدمشماري ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن، هاڻي سپريم ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ جو نالو ڏيڻ مون کي مناسب نه ٿو لڳي، پارليامينٽ، ڪنهن به پارٽي جي ڪا به ضرورت ناهي، پارليامينٽ جي قرارداد کي جتي جي نوڪ تي رکيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جو هڪ شعبو بڻايو وڃي، وزيراعظم، صدر سميت سمورن ادارن جا اختيار سپريم ڪورٽ کي ڏنا وڃن، سيڪيورٽي ادارن جو ڪم به ان کي ڏنو وڃي، آئين، قانون ٺاهڻ جا اختار به ان کي ڏنا وڃن، سمورا ادارا سپريم ڪورٽ ۾ ضم ڪيا وڃن، اپوزيشن ليڊر راجا رياض چيو ته عمران خان جو اگر اقتدار آيو ته پهريون نشانو اسان هونداسين، وفاقي وزير خواجا سعد رفيق کي اسان نظر ئي نه ٿا اچون، هي اسان جي ڪري سرڪاري گاڏين ۾ جهنڊا هڻي وزارتن جا مزا لٽي رهيا آهن، پر اسان کي هي سڃاڻڻ لاءِ  تيار ناهن، وفاقي وزير امين الحق چيو ته ملڪ ۾ سياسي صورتحال بي چيني واري آهي، معاشي بعد آئيني بحران آهي، عدالتي فيصلي ۾ نظر اچي رهيو آهي ته تارازي جا پلڙا برابر ناهن، لاڏلي جي سپورٽ ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ چونڊ ڪرائي وئي جنهن به پارٽي جي پنجاب ۾  حڪومت ٺهي ته اها قومي اسيمبلي ۽ باقي صوبن جي اسيمبلين جي چونڊن تي اثر انداز ٿيندي.مملڪتي وزير هاشم نوتزئي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي 4 ججن جي فيصلي کي نه ٿي مڃي، اسان انهن کان انصاف جي ڪهڙي اميد ڪيون، اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ ڇو مداخلت ٿي رهي آهي، اسلم ڀوتاڻي چيو ته عدليه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي عزت جي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي، پارليامينٽ بالادست آهي، ان کي بالادست رهڻ گهرجي، جماعت اسلامي عبدالاڪبر چترالي چيو ته جماعت اسلامي طرفان مطالبو ڪيان ٿو ته فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، اسان جو مطالبو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ ملڪي مفاد ۾ آهي، وفاقي وزر خرم دستگير خان چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر نظريه ضرورت کي زندهه ڪري  ڇڏيو، ملڪ ۾ انارڪي جا ٻه سبب آهن، هڪ پي ٽي آءِ ٻيو سپريم ڪورٽ آهي، حڪيم بلوچ چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو  ڳڻتي جوڳو آهي، انصاف صرف لاڏلي کي ملي ٿو، صحت جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته جمهوريت اڳيان ڪڏهن جج ڪڏهن جرنيل سامهون ايندا رهيا آهن، ڪڏهن جج آمرن کي، ڪڏهن آمر ججن کي ڏنڊو پڪڙائي ڇڏين ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، گيلاني کي نااهل ڪيو ويو، نواز شريف کي جلا وطن ٿيڻو پيو، ماڻهو پڇي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڪهڙو نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پنجاب صوبي جون ايتريون سيٽون آهن جو اڪيلو پنجاب مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿو، پنجاب جون پهريان چونڊون ڪرائي سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪهڙو نياپو ڏنو پيو وڃي، اسان سنڌي ۽ بلوچ ڇا ڪنداسين، ڇا مشرقي پاڪستان ٺاهڻ چاهيو ٿا، پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبر احمد حسين ڏهر چيو ته پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏني وئي، خيبر پختونخوا جي تاريخ ڇو نه ڏني وئي؟، ججن کي به معلوم آهي ته چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، جنهن ضياءَ  11 سال چونڊ نه ڪرائي ان جو پٽ به 90 ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن بعد اسيمبلي جو اجلاس اڄ 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.