گمبٽ (رپورٽ: عبدالحفيظ منگي) پ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا به شي نه آهي، سپريم ڪورٽ جي ججن جو هڪٻئي تي ئي اعتماد ناهي ته عوام ڪيئن اعتماد ڪندو. عمران خان کي اقتدار ڏئي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو. اسٽبلشمينٽ پاڻ تسليم ڪري رهي آهي ته عمران حڪومت کي غير آئيني طريقي سان مسلط ڪيو ويو. ان وقت ساڳيا جج انڌا ۽ ٻوڙا هئا جو ڪجهه به ڏسي ٻڌي نه پيا سگهن. عوام جي حقن تي ڌاڙا لڳڻ وقت پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ورتو ويو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن گمس اسپتال گمبٽ ۾ لنگس ڪيئر سينٽر فارما يونٽ جي افتتاح ۽ هيلٿ سٽيءَ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته گمس هڪ قومي ادارو بڻجي چڪو آهي. اسان سڄي ملڪ ۾ گمس جهڙا ادارا ٺاهڻ چاهيون ٿا. لنگس ڪيئر سينٽر ملڪ جو پنهنجي نوعيت جو پهريون سينٽر آهي. ڊاڪٽر ڀٽي جيتري بجيت چوي کيس ڏني وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا به شي نه آهي. شهيد ڀٽو کي به اڄ تائين انصاف ناهي ملي سگھيو، سپريم ڪورٽ جي ججن جو هڪٻئي تي ئي اعتماد نه آهي ته عوام اعتماد ڪيئن ڪندو. عمران خان کي اقتدار ڏئي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو. مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو ته عدالتون ڪجھه نه ڪري سگھيون ۽ بيوس بڻيل رهيون. شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو. پنهنجي ناني ۽ امڙ جي انصاف لاءِ 2018 ۾ درخواست ڏني پر اڄ تائين ٻڌڻي ناهي ٿي، شهيدن جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. عوام پڇي ٿو، انهن کي ڪهڙو جواب ڏيون. هن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جا جج پاڻ ۾ ئي متفق نه آهي ته اسين ۽ عوام سندن جا حڪم ڪيئن مڃيداسين. جسٽس ثاقب نثار ڪالا باغ ڊيم جي نالي تي پئسا وٺي هڙپ ڪري ويو، ان کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. هن وقت عمران سميت اسٽبلشمينٽ پاڻ تسليم ڪري رهي آهي ته عمران حڪومت کي غير آئيني طريقي سان مسلط ڪيو ويو. ان وقت ساڳيا ئي جج انڌا ۽ ٻوڙا هئا، نه ڏسي سگھن پيا، نه ٻڌي سگهن پيا. عوام جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا، جڏهن فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان کنڀي راولپنڊي جي جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان وقت پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ورتو ويو. عمران آءِ ايس آءِکي استعمال ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهي رهيو هو، ان وقت اوهان جو سوموٽو ڪٿي هو. هاڻي سڀني کي جھموريت جو خيال اچي ويو آهي. جيڪڏهن اوهان سياست ڪرڻ چاهيو ٿا ته اچو سياست ڪريو، اسان کي به سياست ڪرڻ ايندي آهي. صوبن جا حق ختم ڪرڻ نه ڏينداسين.