نيب ترميم: عدالت پاران ڏنل سزا قانونسازي سان ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟: سپريم ڪورٽ

0
176
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمن خلاف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سوال اٿاريو ته عدالت پاران ڏنل سزا قانونسازي سان ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟

صدر به رحم جي اپيل ۾ سزا معاف ڪري سگهي ٿو پر ڏوهه پوءِ به ختم ناهي ٿيندو، پلي بارگين ڏوهه جي بنياد آهي تي اها ختم ٿي وڃي ته ڏوهه ڪيئن برقرار رهندو؟ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيب 21 سالن دوران ٿيندڙ پلي بارگين جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته ترميم مان لڳي ٿو ته 49 ڪروڙ رپين تائين ڪرپشن صحيح آهي ان کان وڌيڪ غلط آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

قومي احتساب بيورو(نيب) 21 سالن دوران ٿيندڙ پلي بارگين جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا. وڪيل خواجه حارث پنهنجي موقف ۾ چيو ته ترميم تحت دٻاءُ جو الزام لڳڻ تي پلي بارگين ملتوي ڪئي وڃي ۽ ملتوي ٿيل پلي بارگين تحت جمع ٿيل رقم واپس ڪرڻي پوندي. جسٽس اعجازالاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا پلي بارگين ملتوي ٿيڻ سان سزا سان گڏ ڏوهه به ختم ٿي ويندو.؟ وڪيل خواجه حارث پنهنجي موقف ۾ چيو ته ترميم تحت ڏوهه ۽ سزا ٻئي ختم ٿي ويندا

عدالت رمارڪس ڏنا ته پلي بارگين ڏوهه جو اعتراف هوندو آهي جنهن جي سزا ۾ عدالت پئسا واپس ڪرڻ جي منظوري ڏيندي آهي ۽ عدالت طرفان ڏنل سزا قانونسازي سان ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته صدر به رحم جي اپيل ۾ سزا معاف ڪري سگهي ٿو پر ڏوهه ختم ناهي ٿيندو. پلي بارگين ڏوهه جي بنياد آهي اها ختم ٿي وڃي ته ڏوهه ڪيئن برقرار رهندو

قاتل جو ڏوهه ختم ٿي سگهي ٿو ته بدعنواني جي جوابدار جو ڇو نه؟. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪرپشن 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ٿي ته پلي بار گين سان گڏ ڪيس به ختم ٿي ويندو ۽ ترميم مان لڳي ٿو ته 49 ڪروڙ رپين تائين ڪرپشن صحيح، ان کان وڌيڪ غلط آهي، خواجه حارث چيو ته ڪابينا ۽ ٻين فرمز سان گڏ وزيرن ۽ خصوصي صلاحڪارن کي به ڇوٽ ڏني وئي آهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا ايمنسٽي اسڪيم جو فائدو کڻندڙ عام ماڻهو به نيب ريڊار تي اچي سگهي ٿو؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معاشرو اهڙو آهي جو ڪاروباري ماڻهن کي ڪيترن ئي جڳهين تي رشوت ڏيڻي پوندي آهي ۽ ڇا ڪاروباري ماڻهن کي به واپار ڪرڻ تي به سزا ملندي؟ وڪيل خواجه حارث چيو ته عوامي عهديدار جي مني لانڊرنگ ۾ سهولتڪاري ڪندڙ نيب ريڊار تي ايندا، جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب قانون ۾ ترميم عدالتي فيصلن جي روشني ۾ ناهي ڪئي وئي؟ وڪيل خواجه حارث پنهنجي موقف ۾ چيو ته عدالتي فيصلن جي غلط تشريح ڪري نيب قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي