ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب معيشت تي ڪورونا کان وڌيڪ اثر پيو آهي،  سنڌ حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري پئي، عمران خان ۽ قومپرست ٻوڏ واري ماحول ۾ به منافقت نه ٿا ڇڏين، سنڌ کي هٿ سان ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، پوري دنيا ۾ موسمي تبديلين جا اثر پئجي رهيا آهن، ڪالهه سي ايم هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچستان مان  اڃابه پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، صوبي مان هن وقت تائين 50 سيڪڙو پاڻي نڪتو آهي، اڃا به 50 سيڪڙو پاڻي موجود آهي، هي تاريخي ٻوڏ درياءِ جي ڪري نه پر آسماني آفت ۽ قدرتي آفت آهي، پاڻي هيٺ آيل ايراضي برطانيا کان وڌيڪ آهي، ٻوڏ ۾ 33  ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن،  اسان جا 4 ملين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، انهي سان آبادگارن  ۽ هارين جو نقصان  ته ٿيو آهي پر مستقبل ۾ فوڊ سيڪورٽي جا مسئلا پيدا ٿيندا، هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ماڻهن جي مدد ڪري رهيون آهن،  مون مختلف ملڪن ۽ فورمن آڏو ملڪي قرض معاف يا ري شيڊيول ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، صحت بابت پاڪستان ۾ ايترا وسيلا ناهن، مڇرن سبب بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن پاڪستان جو 10 سيڪڙو اسپتالن جو انفرااسٽرڪچر تباہه ٿيو آهي، پوري ملڪ جا وسيلا استعمال ڪجن ته به ايتري وڏي آبادي کي صحت جي سهولت ڏيڻ مشڪل آهي،هن چيو ته  اسان کي ٻه نه پر هڪ پاڪستان واري سوچ رکڻي پوندي، ايئن نه ٿيندو ته هڪ پاسي ماڻهو ٻڏل هجن ۽ ٻئي پاسي اوهان سياست ڪريو، اليڪشن ٿيندي رهندي،  ماڻهو زنده هوندا ته اليڪشن وڙهبي، هن وقت تمام وڏو امتحان آهي، 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن جيان متحد ٿيڻ جو پيغام ڏيڻو آهي، هن چيو ته اسان مشرف دور ۾لانگ مارچ جو  اعلان ڪيو هو پر ان وقت زلزلو آيو ته پوءِ ڇا اسان لانگ مارچ ڪيو؟ هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي آفت ٻيهر آئي ته اسان ان لاءِ به پاڻ کي تيار ڪنداسين هن چيو ته ماڻهن جي روزگار ۽ زراعت جي بحالي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري نئون فصل پوکرائينداسين، نومبر تائين ڪڻڪ جي پوکائي ٿي ويندي ، جيڪڏهن آئينده به اهڙي آفت آئي ته اسان ان لاءِ به پاڻ کي تيار ڪنداسين، هن چيو ته  هن وقت عوام جي بحالي جي ضرورت آهي، اوهان جي اها ڳالهه درست آهي ته ڪنهن کي کاڌو نه مليو هوندو؟  ڪنهن کي مڇر داني نه ملي هوندي پر وزير، ايم پي ايز، ڪارڪن، انتطاميا سڀ فيلڊ ۾ موجود آهن ، ايڏي وڏي انگ ۾ متاثر  ٿيل ماڻهن کي مدد ملڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، هتي ته جن ماڻهن کي مليو به هوندو، اهو به چوندو ته ڪجهه ناهي مليو، متاثرن کي بينظير انڪم جا پئسا به مليا پر پوءِ به ڪجهه اهو به چوندا ته کين ڪجهه ناهي مليو،  هتي  هزارين ماڻهو راتو رات بي گهر ٿي ويا، لک پتي مان ڪک پتي ٿي ويا اهي مشڪل جو شڪار آهن، سندن هر ممڪن مدد ڪبي، هن چيو ته  اسان رڳو هڪ ماڊل وليج نه ٺاهينداسين  پوري سنڌ کي ماڊل بڻائينداسين ، هن چيو ته جيڪي ملڪ اسان کي هٿ ڏيڻ پسند نه ڪندا هئا، اسان انهن سميت سڄي دنيا سان لاڳاپا بحال ۽ بهتر ڪيا آهن، هاڻ پاڪستان کي پاڪستان جي حيثيت ۾ ڏٺو ويندو، هن چيو ته  هن وقت ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي ، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اين ڊي ايم اي،فوج ۽  وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ڪا شڪايت هوندي ته ان کي  به ڏسبو هن چيو ته متاثرن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن سان گڏجي عالمي ڊونرز ڪانفرنس ڪنداسين،  هن چيو ته عمران خان  کان  اڳ پاڪستان ۾ زڪوات ۽ خيرات جي چوري جو ڪنهن تي الزام ناهي لڳو، رڳو عمران تي زڪوات ۽ چندي چوري جا الزام لڳا، جيڪو پاڻ چندي چور آهي اهو  اڄ ٻين تي الزام ڪيئن ٿو لڳائي؟ هن عرب ملڪن، يورپ، آمريڪا سميت مختلف ملڪن سان اسان جا لاڳاپا خراب ڪيا، جن کي اسان بهتر ڪيو آهي، هن چيو ته  هن وقت اهو چوڻ ته ٻڏا ناهيون، اسان کي ٻوڙيو ويو آهي،اهو قومپرستن ۽ عمران خان جو مناقفقت ڀريو بيان آهي، اها ڪاسائنس ناهي، هر ماحولياتي ماهر اها ڳالهه سمجهائي سگهي ٿو، هن چيو ته  سنڌ جا پئسا ( بحريا ٽائون وارا 460 ارب رپيا) سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهن، اسان جو وزير قانون انهن پئسن لاءِ ڪيترائي دفعا ڪورٽ ۾ ويو  هو ته جيئن اسان ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي تي ڪم ڪرايون ، هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي بابت پلاننگ ته ڪئي آهي پر هيل پاڻي آسمان مان آيو ، سنڌو کان ٻاهر 100ڪلوميٽرن جو نئون ڊيم ٺهي ويو،  قدرتي وهڪرن جي بحالي بابت هن چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي  قبضا آهن، اسان جڏهن انهن کي هٽائڻ تي ڪم ڪريون ٿا ته ان تي ڪنهن هڪ کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳي ٿو، هن چيو ته اسان هن وقت ٻوڏ ۾ مصروف آهيون، اليڪشن ڪميشن اسان کي چئي ٿي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرايو، اسان انهي حڪم تي جيترو ممڪن آهي، عمل ڪنداسين، هن سوال اٿاريندي چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آفيسرن کي ٻوڏ متاثرن  جي مدد واري ڪم کان ڪڍي چونڊن ۾ مصروف ڪريون؟  جتي ٻوڏ ناهي، اتي ننڍي چونڊ به ٿئي، اتي انتطاميا ڏئي سگهجي،  هن چيو ته پيپلز پارٽي عام چونڊن جي ملتوي ڪرڻ جي ڳالھ ناهي ڪئي، اسان چاهيون ٿا ته عام  چونڊون وقت تي ٿين،  تيستائين آفت مان نڪري ايندا سين،  هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاشي سڌارن جون ڳالهيون ڪريون پيا، عمران خان جو آئي ايم ايف سان معاهدو  درست ۽ حقيقت مطابق نه هو ، زميني حقيقتن موجب آءِ  ايم ايف سان ڳالهائڻو پوندو، هن چيو ته اسان نٿا چاهيون  ته افغان مهاجرن جو ٻيهر ٻوجهه کڻون،