ٽورنٽو(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي باري ۾ ڪيناڊا جي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ دوران ڪرپشن جي ڪيس اسٽڊي طور نواز شريف جو مثال پيش ڪيو ويو آهي. اهو ليڪچر يونيورسٽي آف ٽورنٽو جي ڪلاس ۾ ڏنو ويو. اهو بائيو ميڊيڪل ڪميونيڪيشن ڪورس جو ڪلاس هو جنهن ۾ ان تي بحث ڪيو ويو. وڊيو ڪلپ تمام ننڍي آهي ۽ ان ۾ اهو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا پيو چيو وڃي پر پي ٽي آءِ جي حامين جو چوڻ آهي ته ان ليڪچر ۾ نواز شريف جي ڪرپشن تي بحث ڪيو ويو. جڏهن ته ڪمنٽس ۾ پي ٽي آءِ جي حامين ته ان کي ڪرپشن تي ليڪچر قرار ڏنو پر ٻين ماڻهن ان سان اختلاف ڪيو. علي منور نالي همراهه ڪمنٽ ڪيو ته آئون نواز شريف ۽ ن ليگ جي خلاف آهيان پر هن قسم جا ڪوڙ پي ٽي آءِ کي تباهه ڪندا، هي مڪمل طور گمراهه ڪندڙ آهي هن ۾ پورو هڪ جملو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي جنهن ۾ ڪرپشن جو ذڪر ڪيو ويو هجي. جڏهن ته بائيوميڊيڪل جي ڪلاس ۾ ڪرپشن تي ڳالهائڻ جي ڪهڙي تُڪ آهي.