ٽنڊو ڄام (ن پ ا) صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ  راول هائوس راهوڪي حيدرآباد ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي منعقد ڪيل قرآن خواني ۽ افطار ڊنر بعد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستاني قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ ڏانهن آهن ته  ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جو انصاف ٿيندو؟ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جو فيصلو هڪ سياه باب آهي ۽ عدالتي قتل هو، جنهن لاءِ فوري طور تي فيصلو ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ماڻهن لاءِ انصاف ۾ دير ڪئي ويندي آهي ٻئي پاسي لاڏلي نيازي کي گهر ويٺي پيڪيجز ملي ويندا آهن جيڪو ٻٽو معيار آهي، هن چيو ته نيازي کي ايترو معصوم نه سمجهو هر تحريڪ جڏهن هو شروع ڪندو آهي ته ان جي پويان ڪا نه ڪا قوت هوندي آهي،صوبائي وزير چيو ته  هن وقت جيڪا سازش ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن سياسي جماعت يا اداري خلاف ناهي بلڪه پاڪستان ۽ ان جي عوام خلاف آهي.