لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي محمد خان ڀٽي جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي اختيارين موجب محمد خان ڀٽي کي هڪ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو، جنهن بعد کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي عملدارن جو چوڻ آهي ته محمد خان ڀٽي کي منڊي بهاءُ الدين ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب محمد خان ڀٽي کي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.