اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائيندڙ کاتي شماريات بيورو آدمشماري جي تاريخ ۾ 10 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي سينسز ڪمشنرن جي سفارشن تي چيف سينسز ڪمشنر آدمشماري جي تاريخ ۾ وڌيڪ 6 ورڪنگ ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي، هاڻي 10 اپريل تائين آدمشماري جو ڪم مڪمل ٿي سگهندو، جڏهن ته شماريات بيورو جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ستين ڊجيٽل آدمشماري جو مجموعي طور تي 92 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 95 سيڪڙو آدمشماري مڪمل ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ 92 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 67  ۽ اسلام آباد ۾ 72 سيڪڙو آدمشماري مڪمل ٿي چڪي آهي.