ڪراچي (رپورٽ : نظير ميمڻ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ستين آدمشماري 2023ع جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل، ڪراچي ۾99 ۽ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ 97 سيڪڙو گهر شماري ٿي چڪي،شماريات کاتي موجب ڊجيٽل آدمشماري  دوران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ گهرن جو تعداد 98 لک 16 هزار 775 ۽ آدمشماري  5 ڪروڙ 70 لک 94 هزار 602 رڪارڊ ٿي آهي،  مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تعداد 20 لک 85 هزار 970 ( 4.68سيڪڙو)  گهٽ رهيو، جڏهن ته 2181 کدڙن فقيرن کي به ڳڻيو ويو آهي، ڊجيٽل آدمشماري دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 59 لک 99 هزار 44 رهائشي گهر، 44 هزار 441 پراڻيون رهائشي عمارتون، 2 لک 29 هزار 142 ڪچا گهر ۽  جهوپڙيون ڳڻيون ويون آهن، جڏهن ته هڪ لک 2 هزار 80 گهر اڏاوتي مرحلي ۾ هئا، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به 19 لک 42 هزار 983 گهرن جي ڳڻپ مڪمل ڪئي وئي آهي.