ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي نه سگهيا آهيون، مڪاني چونڊن کانپوءِ ميرٽ تي نوڪريون ڏينداسين، ميرٽ ۾ لياري سڀني کان مٿي آهي، ڪراچي ۾ عمران خان هڪ گٽر جو ڍڪڻ به نه لڳايو، کيس بلاول ڀٽو ته اڳ ۾  ئي ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ چوندو هو، هاڻي عمران خان پاڻ به مڃي پيو، ڪالهه وڏي وزير ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتن سبب تباهه ٿيل مختلف روڊن، ڊرينيج سسٽم ۽ برساتي نالن جي مرمت جي هلندڙ ڪمن جو جائزو وٺڻ بعد  لياري ۾ ڊائلاسز سينٽر تي رٿيل تقريب کي پڻ خطاب ڪيو، وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ برساتن سبب ٽٽل روڊن ۽ سيوريج لائين جي بحالي تي 1.25 ارب رپيا لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. مختلف روڊن جي پيچ ورڪ، ڊرينيج ۽ برساتي نالن جو ڪم 45 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي 24 ضلعن ۾ هن وقت به ايمرجنسي لاڳو آهي، برساتن ڪري سنڌ جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، 20 لک گهر تباهه ٿيا آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، اسان ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويو آهي، هن چيو ته عمران خان پاڻ ئي چوي ٿو ته هو ڪٺ پتلي وزيراعظم هو، هن پنهنجي دور ۾ ڪراچي ۾ هڪ گٽر جو ڍڪڻ به نه لڳرايو،ان موقعي تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي 23 ڪروڙ رپين سان ڪم شروع ڪيو آهي جيڪو مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. لياري جي چاڪيواڙي روڊ جي بحالي واري اسڪيم 23 جون 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندي، ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني  پڻ ساڻس گڏ هئا.