ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڊينگي هڪ وڌيڪ حياتي کسي ورتي، جڏهن ته صوبي ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 325 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، صحت کاتي موجب ڪراچي ۾222، حيدرآباد ۾55، عمرڪوٽ ۾ 14،ميرپورخاص ۾ 16، سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ 3-3 ، ٺٽو، سجاول،   قمبر ۽ نوشهروفيروز ۾ 2-2، مٽياري، ڄامشورو، لاڙڪاڻو ۽ شهيدبينظيرآباد ضلعن ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.