ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس اڪائونٽبلٽي بيورو جي ايڊيشنل آءِ جي فرحت جوڻيجي ڪراچي جي ضلعي سينٽرل جي ايس پي (جاچ) شھلا قريشي خلاف قتل ڪيس مان جوابدار جو نالو خارج ڪرڻ ۽ 5 ڪروڙ رپيا  رشوت وٺڻ  واري معاملي جي  غلام فاروق مھر پاران ڪيل شڪايت تي جاچ جو حڪم ڏيندي آءِ جي (فنانس ) تنوير عالم اوڍي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو آھي، درخواست گذار فاروق مھر جو چوڻ آھي تھ  ايس پي شھلا اغوا جي ھڪ ڪيس ۾ جوابدارن کان پيسا وٺي ھٿ کڻڻ لاءِ  لڳاتار دٻاءَ وجهي رھي آھي، ايس پي شهلا اسان کي سکر مان اغوا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي جھيڙو پڻ ٿيو، ڪراچي پوليس خلاف ڪيس داخل ٿيو آھي، اسان ايس پي شھلا رضا خلاف عدالت ۾ وياسين، عدالت آءِ جي سنڌ کي جاچ جو  حڪم ڏنو آهي، عدالتي حڪم  تي ايس پي شھلا خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آھي،