نون ڊيمن جو شوشو ۽ آبپاشي نظام جا سائنسي بُنياد!

0
187
نون ڊيمن جو شوشو ۽ آبپاشي نظام جا سائنسي بُنياد!

20 اپريل 2023ع جي روزاني پنهنجي اخبار ۾ آيل هڪ خبر مطابق، قومي اسيمبليءَ جي پاڻي مامرن بابت پارلياماني ڪاميٽيءَ جي سربراهه ذوالفقار علي سنڌ کي 1991ع واري ٺاهه تحت پاڻي نه ملڻ بابت قومي اسيمبليءَ جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته، واسطيدار آفيسرن کي گهرائي ان بابت ڄاڻ (Briefing) ورتي وڃي. هڪ ٻئي معزز ميمبر غلام مصطفى شاهه سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي شڪايت ڪئي ۽ اهو به چيو ته، تربيلا ڊيم ۾ پڻ پاڻي گهٽ آهي. جيستائين 1991ع واري ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ جو تعلق  آهي ته، اهو معاملو ايترو پراڻو آهي، جيترو ٺاهه. ٺاهه کانپوءِ ٽي سال سنڌ کي پاڻي ٺاهه تحت ملندو رهيو ۽ 1994ع کان اڄ تائين پاڻي مختلف طريقن سان ورهائبو رهيو آهي.

ارسا، جيڪا 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، انهيءَ جو ڪردار هاڻي اڻ ڌريو نه رهيو آهي. ارسا ٺاهه جي رُوح جي خلاف فيصلا ڪندي رهي آهي. انهيءَ جو سبب ارسا جو هڪ غير قانوني فيصلو آهي، جنهن تحت بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي پاڻي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ انهيءَ فيصلي خلاف اعتراض واريو هو ۽ ان خلاف ووٽ ڪيو هو، انهيءَ ڪري اهي ٻئي صوبا هر معاملي تي پنجاب سان گڏ بيهن ٿا. جيئن ته ارسا ۾ فيصلا اڪثريت راءِ سان ٿين ٿا، انهيءَ ڪري سنڌ جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي. جيستائين تربيلا ۾ گهٽ پاڻي هئڻ جو تعلق آهي ته، اهو سڄو واپڊا جو هٿ ناٽ آهي، جو انهن آڳاٽي خريف ۾ تربيلا جي پنج نمبر سرنگهه (Tunnel-5) جي مرمت شروع ڪئي آهي. سنڌ ۾ ٺاهه جي روح کان خريف جي مند پهرين اپريل کان شروع ٿئي ٿي. انهيءَ مند کي آڳاٽو خريف چيو وڃي ٿو. انهيءَ مند ۾ سنڌ ۾ ڦٽي (ڪپهه) پوکي ويندي آهي. هونئن ته ڦٽي جا نوان ٻج اچڻ ڪري ڪن علائقن ۾ ته ڦٽي جي پوک فيبروريءَ ۾ پڻ ٿيڻ لڳي آهي. تازو ارسا شروع ٿيندڙ خريف جي پاڻي ورهاست ٽه رخي فارمولي تحت ڪئي آهي ۽ سنڌ کي ستاويهه سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ملندو. اها کوٽ ماضيءَ جي تجربن مطابق  وڌي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين هن موسم ۾ پاڻي جو زيان پنجويهه کان ٽيهه سيڪڙو رپورٽ ٿيندو رهيو آهي. مجموعي طرح درياهن ۾ آڳاٽي خريف ۾ پاڻي گهٽ هوندو آھي ۽ پوءِ برساتن ڪري پاڇاٽي خريف ۾ پاڻي گهڻو ٿي ويندو آهي. جڏهن ڊيمن جي موجودگي ۾ هڪ مند کان ٻي مند تائين پاڻي موجود نه آهي ۽ سنڌ کي آڳاٽي خريف لاءِ پاڻي ميسر نه آهي ته پوءِ ڊيمن مان ڪهڙو فائدو؟

19 اپريل 2023ع واري روزاني پنهنجي اخبار ۾ محترم محمد ادريس راجپوت جو هڪ مضمون ”سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني ڪنهن کي فائدو ڏيندي؟“ جي عنوان هيٺ ڇپيو آهي، انهيءَ جي آخر ۾ ادريس صاحب لکيو آهي ته، ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ضرورت ۽ سڀ مسئلا حل ٿيندا. ڇا ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي ضرورت پوري ٿي ويندي ۽ سنڌ ۽ انڊس ڊيلٽا لاءِ پاڻي 1991ع واري ٺاھ تحت ملي ويندو؟ انهيءَ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ڀاشا ڊيم جي مخالفت باوجود مرڪزي حڪومت ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي نظر ۾ ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان نه صرف سنڌ نقصان ۾ آهي پر انڊس ڊيلٽا جي تباهي يقيني آهي. ڀاشا ڊيم لاءِ اهم چيو پيو وڃي ته، اهو ڪم سڀني صوبن جي مرضي سان ڪيو پيو وڃي. مشرف دور ۾ سينيٽر نثار ميمڻ جي سربراهي ۾ پاڻي مسئلن لاءِ لاءِ ٺاهيل پارلياماني ڪاميٽي ۾ پنجاب ڀاشا ڊيم تي مشروط راضپو ڏيکاريو هو ۽ شرط رکيو ته ڀاشا سان گڏ ڪالاباغ ڊيم تي پڻ ڪم شروع ڪيو وڃي. انهيءَ ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته ڀاشا ڊيم ٺهي راس ٿيڻ کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو ويندو. جيستائين متفقه فيصلي جي ڳالهه آهي ته ڇا جيڪڏهن اسان جي صوبن جا سربراهه يا قومي اسيمبلي اهو گڏيل فيصلو ڪري ته دنيا گول نه آهي يا هو گڏيل طور تي ڪشش ثقل ( Gravitational force) جي قانون کي رد ڪري ڇڏين ته ڇا ان کي دنيا صحيح چوندي؟! اسان سائنس جي بنيادي اصولن ۾ ردوبدل نٿا ڪري سگهون. ساڳي طرح درياهه ۽ انهن جا وهڪرا قدرتي سائنس آهن ۽ انهيءَ سان کلواڙ ڪرڻ اسان کي مهانگو پوندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀاشا ڊيم ملڪ جي خطرناڪ زلزلن واري پٽيءَ ۾ ٺاهيو پيو وڃي. شايد اسان 1988ع ۾ هندستان ۾ ڀونگ ڊيم، 1992ع ۾ منگلا ڊيم ۽ 2005ع ۾ بلوچستان جي مڪران واري علائقي ۾  شادي پور برساتي ڊيم ٽُٽڻ جي ظالم واقعن مان سبق نه پرايو آهي. ڀونگ ڊيم واقعي ۾ پندرهه سئو ماڻهو، منگلا ڊيم واقعي ۾ هڪ هزار ماڻهو ۽ مڪران واري واقعي ۾ پنج سئو ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڀونگ ڊيم واري واقعي کانپوءِ هڪ ماڻهو باکڙا بياس مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين کي گولي هڻي ماري ڇڏيو، پر اسانجي واپڊا جي چيئرمين کي ڪنهن ڪجهه نه چيو، ڇاڪاڻ جو اسان ايڏا انتھا پسند نه آھيون. اڳتي هلي جيڪڏهن ڀاشا ڊيم ۾ ڪو اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو ٿئي ٿو ته ان مان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو ۽ عوامي رد عمل جو اندازو اڄ لڳائڻ ڏکيو آهي پر اهو دنيا جي تاريخ جو ظالم واقعو ليکيو ويندو. اڄ جڏهن آمريڪا ۽ يورپ ۾ هر هفتي هڪ ڊيم ٽوڙيو (Decommission)  پيو وڃي، ان وقت اسان نون ڊيمن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اڳوڻي واپڊا چيئرمين شڪيل دراني جي هڪ وڊيو گوگل تي موجود آهي، جنهن ۾ هو ڊيمن جي حمايت ڪندي ڪجهه سٺيون ڳالهيون ڪري ويو آهي. هن جي چوڻ مطابق، پاڪستان ۾ رم اسٽيشن تي 146 ميلن ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آهي، انهيءَ مان پندرهن کان ارڙهن ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گم ٿي وڃي ٿو. اها ڳالھ مون پنهنجي لکڻين ۾ ھڪ کان وڌيڪ دفعا لکي آھي. انهيءَ گم ٿيل پاڻي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ غيرجانبدار پاڻيءَ ماهرن کان پاڻي جي آڊٽ (Audit) ڪرائي وڃي ته ڪهڙو صوبو ڪيترو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اسان انهيءَ گم ٿيل پاڻيءَ جا پيرا کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته اهو پاڻي ٽن ڀاشا ڊيمن جي پاڻي جي برابر آهي ۽ اسان کي ڪنهن به نئين ڊيم جي ضرورت نه آهي. وڊيو ۾ محترم شڪيل دراني اهو به مڃيو آهي ته، اسرائيل ۾ موجود پاڻي، اسان جي پاڻي ذخيرن جي هڪ سيڪڙو برابر آهي، دنيا ۾ اسرائيل کانسواءِ آسٽريليا ۽ آمريڪا ۽ ڪجهه ٻيا اهڙا ملڪ آهن، جن ٿوري پاڻي ذخيري هئڻ باوجود، نوان سائنسي طريقا استعمال ڪندي پنهنجي ملڪ کي سر سبز بنايو آهي. اسرائيل ۽ آسٽريليا جي ڪامياب تجربن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته، اسان وٽ پاڻيءَ کوٽ نه بلڪه ان جي صحيح استعمال ۽ سار سنڀار (Management)  جي کوٽ آهي. اسان کي موجوده دور جي تقاضائن مطابق پنهنجي آبپاشي نظام ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، نه ته اسان ڊيمن پٺيان ڊيم ٺاهيندا وينداسين ۽ پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ اڃا وڌيڪ خراب ٿيندو ويندو، ڇاڪاڻ جو هڪ ڊيم  ٺاهڻ ۾ جيترو وقت لڳندو، انهيءَ وقت ۾ ڪو پراڻو ڊيم لٽ سان ڀرجي پنهنجي افاديت وڃائي چڪو هوندو. اسان جي پاڻي کوٽ جو حل نوان ڊيم نه بلڪه موجوده آبپاشي نظام ۾ سائنسي بنيادن تي نون طريقن اختيار ڪرڻ ۾ آهي.