ڳالهيون ڳنوارن جون … هارين، پورهيتن ۽ غريبن جي عيد ڪيئن گذري؟

0
151
ڳالهيون ڳنوارن جون ... هارين، پورهيتن ۽ غريبن جي عيد ڪيئن گذري؟

اسان اڄ وقت کي پوئتي ورايون ٿا. …. عِيدَ جي سڳوري ۽ ڀلاري رات اچڻ واري آهي. شام جو آئون پنهنجي پراڻي موٽر سائيڪل تي ڪچي مان پنهنجي ننڍڙي فارم تان موٽي مورو شهر وڃي رهيو آهيان. ٻهراڙيءَ جي ڳوٺڙن کان مَٽيندي ڪٿان داڳ جي خُوشبوءِ اچي رهي آهي ته ڪٿان سيوين جي سُڳنڌ. شام جا اُداس پاڇا لڙي آيا آهن انهن لوڙهن جي مٿان، جن ۾ غريب سنڌي لوڪن جا ويڙها آباد آهن. اُنهن گهرن ۾ دُکندڙ دونهين جون لاٽون آسمان پار اُڏامي رهيون آهن.

هِي نهال ماڇيءَ جو سئو گهرن وارو ڳوٺ آهي. هن کي بچي ماڇي جو ڳوٺ به سڏيندا آهن. سڀ هر هاري آهن. ڳوٺ ۾ پندرنهن جوڙا ڏاندن جا، ڪجهه ڳائو ۽ ماهيو مال آهي. ساٺيڪو کن نوجوانَ گڏهه گاڏا وهائي گذر ڪندا آهن. ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي. ڪن داڻا ڪڻا کڻي آڻي گهر رکيا آهن، ته ڪي قرض جا ڀرڻا ڀري، خالي هٿين پوتڙا ڇنڊي، واپس وريا آهن. ايندڙ ڏينهن گذرندا آسري الله جي. اسي سيڪڙو ماڻهو انتهائي غُربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. فقط ننگر، سلطان، گل حسن ۽ ارباب واريون آڪهيون ماني مڇيءَ واريون آهن.

هِي ننگر ماڇيءَ جو ڳوٺ آهي. سٺ گهرن واري هن ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي. ڳوٺ مان ويهارو کن نينگرا ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري هاريپ کي لڳي ويا آهن. هونئن سڄو ڳوٺ هر هاري آهي. ڏهاڪو کن گڏهه گاڏا آهن. ويهارو کن جوڙا ڏاندن جا آهن. اڳتي بقاري ڀٽن جا ڳوٺڙا آهن. ڪن کي پنهنجا ٻني ٽڪر آهن ته ڪي هر هاري آهن. هي مبين دل جو ڳوٺ آهي. ڳوٺ وڏن ويڙهن وارو آهي. هڪ ويڙهو موچين جو به هتي آباد آهي. دل لوڪن جا ننڍڙا ٻار به ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هڻندا وتندا آهن. مبين ۽ پرئي دل جا پٽ ماني مڇيءَ وارا آهن، باقي راڄ غريب آهي.

هاڻي مورو شهر کي ويجها آهيون. هِي چنڊن جو وڏو ڳوٺ آهي. زالين مڙسين ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا آهن. مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ هن ڳوٺ جا نوي سيڪڙو ماڻهو انتهائي غريب آهن. هينئر به هنن جا ٻارڙا مال جا لٿل آلا ڇيڻا ميڙي گهر کڻي وڃي رهيا آهن. مائرون انهن ڇيڻن کي ڀتين تي ٿاڦي سُڪائينديون ۽ پوءِ سُڪل ڇيڻن جا پاچڪا ڀري شهر ۾ فِي پاچڪو پنجاهه رپين ۾ کپائينديون.گئس جي لوڊشيڊنگ ايتري آهي جو ماني تئي تي سڪيو وڃي. سرندي وارن وٽ گئس جا سئلينڊر آهن پر غريب طبقي جون عورتون انهن ڇيڻن جي باهه تي ماني پچائي ٻچڙن کي کارائينديون آهن. هن ڳوٺ جي ڏکڻ اولهه طرف راڄي ڀٽي جو ڳوٺ آهي. پاڻ ٻڪرين جو ڌراڙ آهي. 30 سال اڳ وٽس 30 ٻڪريون هُيون، 30 سالن کان پوءِ به اهي 30 ڪن ڪاهيو هلندو ڀڻي. چنڊن جي ڳوٺ جي ڀرسان طاهر ڀٽي جو ڳوٺ مشهور هو. شهر ۾ به سندس نالي واري وڏي هوٽل هئي. ڌاڙيلي دور ۾ سندس پٽ کي ڌاڙيل کڻي ويا. ڀاڳ ڦيرو کاڌو، زمينون به ويون ته پاڻ به ويو. شهر جي وچ چوڪ تي موجود اها شاندار هوٽل هاڻ بند پئي آهي.

هاڻ شهر ۾ داخل ٿيا آهيون. روڊ تي ڪسندڙ جانور ڇڙهيون هڻي رهيا آهن. صبح کان ڪاسائي ائين ئي ڪاتيون ڪلڪائي رهيا آهن. سامهون اُٿليل گٽر ۾ نوجوان گلو ٻالو ٽٻيون ڏيئي ان مان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيو گند ڪچرو ڪڍي رهيو آهي. هڪ ميڊيڪل اسٽور جو مالڪ مٿان بيٺل آهي. شايد ان گٽر صاف ڪرڻ لاءِ ان غريب ٻالي کي ڪي چند رُپيا ڏنا آهن. مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن مان سج لٿي جي اذان جا آواز اچي رهيا آهن. شهر جي اولهه طرف روڊ جي پاسي ۾ زمين ته ڪنهن سيٺ جي سڏبي آهي، پر ان تي سئو کن جهوپڙيون ۽ پَکا اڏيل آهن. اهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اتي اچي رهيا آهن. پن منگ جو ڌنڌو ڪندا آهن. انهن مان ڪن وٽ موٽر سائيڪل ريڙها آهن. اهي پنهنجا ڪهول وٺي ٻهراڙين ۾ نڪري ويندا آهن. جتي به ڪڻڪ جو لابارو  ٿيندي ڏسندا آهن، يا ڪڻڪ ڳاهڻ واري مشين (ٿريشر) وهندي ڏسندا آهن، اتي پهچي خيرات ۾ سٿري وٺي وري ٻئي پاسي هليا ويندا آهن. اهڙي طرح کوڙ ساري ڪانهين کڻي واپس ايندا آهن ۽ پنهنجن پکڙن آڏو ڪٽي سٽي ان ڪڍي رکندا آهن. انهن جون ٻُڍڙيون عورتون ۽ ننڍڙيون نينگريون بس اسٽاپن تيپني منگي اٽي جو سير وٺي اينديون آهن. آسرو الک جو. گُذريل برسات لڳاتار ٽي ڏينهن ٽي راتيون وسي هئي، هنن کان دانهون نڪري ويون هيون. ماڻهو گهرن کان ٻاهر ڪونه ٿي نڪتا. اسٽاپ خالي هئا. پن ڪانه ٿي. ٻچا لنگهڻ مرڻ لڳاهئا. پاسي ۾ شاندار پيٽرول پمپ ۽ بهترين بنگلن واريون ٻه ڪالونيون آهن. پر ”پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري“.اڄ عيد جي رات آهي. پر ڪنهن به جهوپڙي مان ٻوڙ جي خوشبوءِ ڪانه ٿي اچي. سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هن شهر تي به آبادي جو دٻاءُ گهڻو آهي. شهر ميلن ۾ پکڙجندو پيو وڃي. زرخيز زمينون رهائشي ڪالونين ۾ تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن. پلاٽ وڪري لاءِ موجود آهن. نوان گهر ٺهي رهيا آهن. خريدار گهڻو ڪري افغانستان کان آيل اسان جا افغاني ڀائر آهن. اهي جوق در جوق وطن عزيز ۾ ائين اچي آباد ٿي رهيا آهن، جيئن 1922ع ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي اچي آباد ٿي رهيا هئا. ٺيڪيدارن ۽ دلالن جا جاوا آهن.

اسان جهڙن چرين جي رات پاسا بدلائيندي گذرندي آهي. ٻهراڙي ۾ هوندا هئاسين ته راتيون ٽيڙو، ڪتين ۽ نکٽن سان رهاڻيون ڪندي گذرنديون هيون. شهر ۾ آسمان ۾ ستارا تڏهن ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن لوڊشيڊنگ جي نالي ۾ بجلي بند ڪئي ويندي آهي.

عيد جي رات آهي. ننڍيون نيٽيون ۽ ڪي وڏڙيون هٿن پيرن کي ميندي مکي رهيون آهن. مساڳ ڏيئي چپن کي ڳاڙهو ڪيو پيو وڃي. پنهنجن ڀائرن، پيئرن ۽ ور لاءِ ڪپڙا ٺاهي، شلوارن ۾ اڳٺ پٽاڙون وجهي، شلوارون سوٽي رهيون آهن. غريباڻن گهرن ۾ ائين ئي عيد جي تياري ٿي رهي آهي.صبح ٿي رهيو آهي. شهرن ۾ سج اڀرڻ جو نظارو ڏسي ڪونه سگهبو آهي.ٻهراڙين ۾ وڏڙيون سج کي اڀرندو ڏسي چونديون هيون ”اڀريو لکن جو ڏاتار“.اڄ عيد جي ڏينهن شهري لوڪ نوان ڪپڙا پهري مسجدن ۽ عيد گاهن ڏانهن وڃي رهيا آهن. هڪ پيشه ور پينو فقير بيٽري تي هلندڙ ننڍڙي ريڙهي تي سوار آهي. ريڙهي تي ٻڌل لائوڊ اسپيڪر مان اردو ۾ نعت سڳوري وڄي رهي آهي. ڪي سخي خيرات ڏيئي اڳتي وڌي وڃن ٿا، سامهون پوڙهي فقيرياڻيءَ جو هٿ هڪ ننڍڙي نينگر جهلي هلي رهي آهي. آواز اچي رهيو آهي، ”آئون مسڪين جڏڙي آهيان، فطرو خيرات خدا ڪارڻ ڏيو“. ان کي به پنهنجو حق ملي وڃي ٿو. گلو ٻالي وارو ڪالهوڪو صاف ڪيل گٽر وري اُٿلي پيو آهي. رستي تي گٽر جو پاڻي پکڙجي رهيو آهي. ماڻهو ڪپڙن کي بچائيندا هلندا ٿا وڃن.

شهري لوڪ نماز پڙهي وڃي گهرن ۾ آرامي ٿيا آهن. بازار ۾ ٻهراڙين جا ماڻهو ميڙا ڪيو پيا اچن. مٺائين جا دُڪان، چانهه جون هوٽلون ۽ شربتين جا هٽ ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. مين روڊ تي لالي جي هوٽل ۽ نسوار جي مانڊڻي آهي. اندر هوٽل ۾ پير رکڻ جي جاءِ ڪانه آهي. لالي جي ڪڙڪ چانهه پيئڻ وارا شوقين سڀ سنڌي سٻاجهڙا آهن.

گهر اچي پنهنجي اخبار پڙهان ٿو. قبائلي جهيڙن، اغوا، ڦر، قتل ۽ بدامني جون ويهه وارداتون رپورٽ ٿيل آهن. بيوسي، بي چيني، اداسائي، نراسائي ۽ ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ لکڻ واري ٽيبل تي اچان ٿو. منهنجي اڳيان ڊيوس جي هسٽري آف دي ورلڊ ۽ ڪيگزٽنس هسٽري آف دي ورلڊ جا ڪتاب رکيا آهن، سنڌ جي پنج هزار سالپراڻي عظيم تهذيب جي تاريخ پڙهي هيڪر ڪجهه آٿت اچي وڃي ٿو.

اي مستقبل جا مورخ تون گهڻو انتظار نه ڪجانءِ. تون فقط پنج صديون پوءِ2525ع ۾ هي روئداد پڙهي فيصلو ڪجانءِ ته تنهنجو ڳاٽ فخر سان اوچو ٿو رهي يا شرم کان جُهڪي ٿو وڃي؟!