نوشهروفيروز (رپورٽر) يونين ڪائونسل ڪوٽڙي ڪبير جي پ پ چيئرمين شپ جي اميدوار ارشاد سهتو ۽ ٻين اميدوارن کي ڳوٺاڻن کريون کريون ٻڌائي ووٽ ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، يوسي ڪوٽڙي ڪبير جي چيئرمين ارشاد سهتو سميت پ پ جا ٻيا نامزد اميدوار ڳوٺ چاڪر خان مري  پهتا ته ووٽرن کين کريون ٻڌايون ۽ چيو ته چئن سالن ۾ اسان کي هڪ نلڪو به نه مليو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اسان ڏانهن لڙي آيو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبا دوران به اسان جي ڪنهن واهر نه ڪئي، ڳوٺاڻن جي سخت پڇاڻي تي اميدوارن کي پگهر اچي ويا ۽ ووٽن لاءِ ڳوٺاڻن کي منٿون ڪندا رهيا، جڏهن ته ڳوٺاڻن کين ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ٻئي پاسي اهڙي وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،