مٽياري (رپورٽر) مٽياري تعلقي جي ٽن ٽائون ڪاميٽين ۽ 15 يونين ڪائونسلن تان 475 اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا تفصيل موجب مٽياري ضلعي ۾ نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ جو مرحلو پڄاڻي تي پھچي ويو تعلقي مٽياري جي ٽن ٽائون ڪاميٽين ۽ 15 يونين ڪائونسلن تان 475 اميدوارن پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آھن  ٽائون ڪاميٽي مٽياري جي 7 وارڊن لاءِ  60 اميدوارن پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا اھڙي طرح ٽائون ڪاميٽي کيبر جي ٽن وارڊن لاءِ 22 اميدوارن جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي اڏيرو لال اسٽيشن جي ٽن وارڊن لاءِ 18 اميدوارن پنھنجا نامزدگي فارم آر او وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آھن تعلقي مٽياري جي 15 يونين ڪائونسلن جي ضلعي ڪائونسل جي 15 سيٽن لاءِ 75 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي 15 سيٽن لاء 68 اميدوار ميدان تي آيا آھن تعلقي مٽياري جي 15 يونين ڪائونسلن جي جنرل ميمبرن جي 60 سيٽن تي قل 232 نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.