لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ سان گڏجي مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ راڌڻ ۽ سعيدي موساڻي جي ڪچي جي ڳوٺن ناڙي لاشاري، بيدي لاشاري، رمضان لاشاري، بهلو رکيو ماڇي، دين پور،  محمد دائود موريو ۽ ڳوٺ عثمان ڪلهوڙو جو دورو ڪري ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي جتي علائقي واسين سندن جي آجيان ڪرڻ سان گڏ گلن جي ورکا ڪري دُهل شرنائن تي جمهريون پڻ هنيون. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ مڪاني چونڊن سميت عام چونڊن ۾ جعلي پيپلز پارٽي جي تڏا ويڙهه ٿيندي هن چيو ته هي تحريڪ رڪجڻ واري ناهي هينئر ته شروعات آهي. هن چيو ته 15 سال هڪ وڏي آزمائش آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي مڪمل طور فيل ٿي چڪي پر هاڻي ستارو چمڪي سڀني کي روشن ڪندو.