نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهرو فيروز ويجهو گهر تي حملو، مڙس کان ڪاوڙجي پيڪين ويٺل 5 ٻارن جي ماءُ قتل، وارثن جو مڙس ۽ ڏيرن تي الزام، 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب ڳوٺ جمن راڄپر ۾ هٿياربندن ڳوٺاڻي اصغر راڄپر جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل 5 ٻارن جي ماءُ مسمات ستاره راڄپر ٿڏي تي قتل ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي تي مقتول عورت ڪجھه عرصو اڳ مڙس کان ناراض ٿي پنھنجي والد جي گھر رھندي ھئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مقتول عورت جو لاش 7 ڪلاڪ مرده خاني ۾ پيو رھيو، بعد ۾ ڊاڪٽرياني کي گهرائي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ھوڏانھن مقتول عورت جي والد اصغر راڄپر الزام هنيو ته ڌيءُ کي مڙس ۽ ڏيرن گڏجي قتل ڪيو آھي. ھن چيو ته ھو رات جي وقت گھر ۾ ستل ھئا ته گھر تي حملو ڪيو ويو ۽ ننڊ پيل ڌيءَ مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي نوشهروفيروز پوليس مقتول عورت جي ڏيرن عرس ۽ مبين راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجھه ماڻھن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.