شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڀٽائي ڪالوني واسي 40 سال جي لونگ جکرو کي ھٿياربندن گوليون ھڻي آرام سان فرار ٿي ويا، جنھن کي ڀرپاسي جي ماڻھن ۽ پوليس پھچي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته شفيع محمد سومرو، نظير احمد سومرو، بشير احمد سومرو ۽ ٻين حملو ڪري ناحق اسان جي ھمراھ کي قتل ڪيو آھي، رابطو ڪرڻ تي نيو فوجداري پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، جاچ ڪري رھيا آھيون جوابدارن جي جلد گرفتار ڪيو ويو ويندو، ھوڏانھن مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.