ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ويجھو نوجوان قتل، گولي لڳل لاش هٿ، ڪيس داخل نه ٿيو، شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻو گرفتار، خبر موجب زميندار وٽ ڪم ڪندڙ خليل آباد واسي 25 ورھين جو پورهيت ريوا چند ولد ڌيرو ڪولھي کي پسٽل جي گولي ھڻي قتل ڪيو ويو. نوجوان جو لاش ڳوٺ صالح ڌاندل وٽان روڊ تان ھٿ آيو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. اطلاع تي مقتول نوجوان جا وارث ۽ ڪولھي برادري جا ماڻھو به وڏي انگ ۾ پھچي ويا، جنهن دوران مقتول جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي ڀاءُ پريمچند ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، ڀاءُ کي بيگناھ قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته ھڪ ڄڻي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آھي، معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسي ايشن جي مرڪزي صدر ڪامريڊ پريم راٺوڙ ڪولھي واقعي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته قاتلن کي فوري طور گرفتاري ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.