حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد ۾ قائم ٻارڙن جي وارڊ ۾ وينٽيليٽر نه هئڻ جي تصديق ڪندي ايم ايس ڊاڪٽر صديق پهوڙ ٻڌايو ته ٻارن جي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ 2 پيس وارڊ قائم ٿيل آهن جتي ٻارن جو مختلف آڪسيجنس ذريعي علاج ڪري هو وينٽيليٽر جي کوٽ پوري ڪري رهيا آهن جڏهن ته نئون وارڊ تعمير ڪرايو ويو آهي. جلد ان ۾ ٻارن لاءِ وينٽيليٽر توڙي وينٽ ايمبولنس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.