نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ شهرين گندگي خلاف ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڌو ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي شھرين وسيم ڏنگراج، مظھر چنه، جاويد سيال، بشارت کوسو، اسد چانڊيو، معشوق ڪورائي ۽ ٻين چيو ته مٺياڻي روڊ ۽ ھيٺائين چوڪ سميت شھر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آھي، هنن چيو ته گندو پاڻي اڪثر رستن تي بيھڻ ڪري شھري عذاب ھيٺ آھن، هنن چيو ته گندگي سبب شھر جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته انتظاميا گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته شھر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.