ڀان سيدآباد (ن پ ا) حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل واهڙ واسي انجنيئر حسن مري جي بازيابيءَ لاءِ ڀان سيدآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو وي.و شوڪت علي مري، عاشق مري، ميهر مري، بالاچ خان مري ۽ ٻينٻڌايو ته 2 مهينا اڳ پهرين ڊسمبر 2022ع تي محمد حسن مري کي قاسم آباد مان کنڀيو ويو، هنن چيو ته حسن مري جو ڏوهه اهو آهي جو هن بنيادي سهولتون نه ڏيڻ تي اي اين آءِ ڪمپنيءَ خلاف تحريڪ هلائي، هنن چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي اٿئون پر پوليس سميت سمورا ادارا ڪمپني آڏو بيوس بڻيل آهن، هنن چتاءُ ڏنو ته اي اين آءِ گئس ڪمپني 25 سالن کان ظلم ڪري رهي آهي، حسن مري جلد بازياب نه ٿيو ته انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.