کورواهه (ن پ ا) کورواھ ۾ پئيڻ جو پاڻي گدلو هجڻ ڪري ڪاري سائي جي بيماري ۾ واڌ ٿي وئي وڌيڪ 11 مريض ڪاري سائيءَ ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن بعد مريضن جو تعداد وڌي 19 ٿي ويو آهي. ڪاري سائي ۾ ورتل مريضن ۾ گهريلو عورتن جو وڏو انگ شامل آهي. ان ڏس ۾ صحت مرڪز کورواھ جي عملي  پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن دوران 417 ٽيسٽون ڪيون جن مان 11  ڪيس پازيٽو آيا آهن جنهن کانپوء گذريل ڇهن مهينن دوران سائي ۾ ورتل مريضن جو تعداد وڌي 19 ٿي ويو آهي عملي جو چوڻ آهي ته مريضن جي ويڪسئين هلندڙ آهي. هوڏانهن شهرين قاضي ڪنڀار دانش ميمڻ ۽ ٻين پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ پئيڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري سائي سميت مختلف بيماريون پکيڙجي رهيون آهن جنهن سبب ھتان جا ماڻهون اسپتالن جي چڪرن ۾ دربدر ٿي ويا آهن هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ صاف پاڻي لاء سهولتون ڏنيون وڃن.