نوشهروفيروز (رپورٽر) مٺياڻي روڊ تي پوليس لائين وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٻن عورتن مٿان چڙھي ويو جنھن سبب ھڪ عورت فوت ۽ ٻي عورت زخمي ٿي پئي. ٻڌايو وڃي ٿو ڳوٺ رانجھو نائچ جون رھواسي عورتون مسمات سڀائي ۽ نسرين نائچ شھر کان واپس پنھنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ بس جي انتظار ۾ بيٺل ھيون ته تيز رفتار ٽريڪٽر عورتن جي مٿان چڙھي ويو جنھن سبب مسمات سڀائي موقعي تي چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏھن ته ھڪ عورت نسرين زخمي ٿي پئي، زخمي کي پھريان سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو جتي علاج جي مناسب سھولت نه ھجڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي بعد ڊرائيور ٽريڪٽر ڇڏي فرار ٿي ويو، جنھن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.