ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخشل خان اوڍو ۾ رپيٽر صاف ڪندي اوچتو رپيٽر فائر ٿيڻ سبب نوجوان حبيب الله پٽ عبدالطيف ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نبي شاھ وڳڻ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي ياسين تعلقا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ايس ايچ او ٻڌايو ته نوجوان گهر ۾ رپيٽر صاف ڪري رهيو هو ته اوچتو رپيٽر ڇٽڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي اڃا جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن علائقي ۾ افواهه آهن ته نوجوان حبيب اﷲ ڀٽي گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي.