ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ نواب شاهه-ميرپورخاص روڊ تي نامعلوم ڦورن شهر جي مشهور هوٽل مالڪ نيازمحمد مهر ۽ علي حيدر لسڪاڻي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 80 هزار روڪ، نئين سي ڊي موٽر سائڪل، ٻه عدد ٽچ موبائل ڦر ڪري کين مارڪٽ ڪري فرار ٿي ويا. هڪ هفتي دوران نئون آباد شهر مان ٽي موٽر سائڪلون چورائجي ويون آهن، پوليس چورن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.