چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون ويجھو يو سي ڍورو جانب جي ڳوٺ روشن ملان ۾ چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب خان محمد ملان جو گهر سڙي ويو. گهر ۾ پيل 20 مڻ ڪڻڪ، کٽون، بسترا، نياڻين جا سونا زيور، ڏاج ۽ گهرو ضرورت جو سمورو سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڪوشش ڪري باهه تي ضابطو آندو، باهه جو اطلاع ملندي ئي چوٽياريون پوليس پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. جڏھن ته ڳوٺاڻا کلئي آسمان هيٺ ويٺل آھن هنن ڊي سي سانگهڙ سميت لاڳاپيل اختيارين ۽ وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آھي.