خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ خاڪي شاهه پُل ڀرسان الرحمان هوٽل جي ڇت تي رکيل سولر پليٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي جنهن ڪري سولر پليٽون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون. واقعي بعد هوٽل جي انتظاميا پاران فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. هوٽل جي انتظاميا موجب سولر پليٽ کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سولر پليٽ سڙي مڪمل تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڇت تي ڪوبه ملازم موجود نه هو جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي فائر برگيڊ عملي وقت سر پهچي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.