حيدرآباد: عدالت پاران آپگهات ڪندڙ ناري واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر هٽايو ويو

0
238
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد: حيدرآباد جي عدالت هوسڙي واري علائقي ۾ مهينو اڳ مبينا آپگهات ڪندڙ شادي شده ناري واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي هٽائي ڇڏيو. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ناري جاڳوڙي ڪولهي جي والد مانسنگهه ڪولهي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جو جاچ آفيسر ڌيءَ جي قتل جي جاچ صحيح نموني ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مهينو گذرڻ باوجود اڃا تائين جاچ آفيسر ميڊيڪل جي رپورٽ به جمع ناهي ڪرائي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي آءِ جي کي ناري جي ڪيس ۾ ايماندار جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. ناري جاڳوڙي جو 29 مارچ تي گهر مان ڦاهو کاڌل لاش مليو هو سندس والد مڙس ڪرشن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي 15 اپريل تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو . ناري جي مڙس کي هوسڙي پوليس گرفتار نه ڪيو جنهن گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي.