ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (نمائندن وٽان) غوثپور مان اغوا ٿي ويل نجي بئنڪ جا 5 ملازم 50 لک ڀنگ ڏيڻ بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويا. ڊرائيور محمد عالم گولو، لون آفيسر الطاف حسين گولو، مئنيجر فرمان لانگاهه، گلاب ڏاهاڻي، سڪيورٽي گارڊ شاهنواز نصيراڻي بازياب ٿي ويا. مغوين جي بازيابي بابت وارثن تصديق ڪئي ۽ وارثن پاران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته 5 ئي مغوين کي ڀنگ عيوض 50 لک روپيا ڌاڙيلن کي ڏئي مغوين کي ڌاڙيلن آزاد ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ته پوليس مغوين جي بازيابي تي ڪنهن به قسم جي ڪابه اڳڀرائي نه ڏيکاري جنهن سبب اسين مجبور ٿي ڌاڙيلن کي ڀنگ جا پئسا ڏئي پنهنجا پيارا واپس ڪراياسين. مغوي گهر پهچڻ تي وارث مغوين کي ڏسندا روئيندا رهيا.جڏهن ته ڌاڙيلن 5 ئي مغوين جي بازيابي لاءِ 80 لک ڀنگ طلب ڪيو هو، ذريعن کان ڄاڻ ملي ته وچين ماڻهن ڪردار ادا ڪري 50 لک ڏئي مغوي واپس ڪرايا. جڏهن ته مغوين جي بازيابي بابت پوليس بي خبر رهي.ياد رهي ته نجي بئنڪ ملازم ڍيڍ مهيني کان وڌيڪ وقت کان ڌاڙيلن جي قيد ۾ رهيا.