گمبٽ/رپڙي/صدر جي ڀٽيون (نمائندن وٽان) گمبٽ ويجهو ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان رتوڇاڻ، 3 ڄڻا يرغمال بڻائي قتل، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب رپڙي جي ڪچي ۾ سرڪاري زمين مان سر لڻڻ تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڌر جهيڙي سبب پيرڳوٺ واري علائقي مان لڏي ڳوٺ کرل آباد ۾ لڏي آئي هئي، جيڪي ڪالهه ڪم سانگي لاڙڪاڻي ويل هئا، نوجوان ماهي خان ڪڙيو، علي حسن جوڻيجو ۽ نعيم جوڻيجو لاڙڪاڻي کان واپس ٿي درياهه پار ڪري ڳوٺ کرل آباد اچي رهيا هئا ته درياهه جي ٻئي ڪپ تي لڪي ويٺل هٿياربندن ٽنهي نوجوانن کي يرغمال بڻائي سڌا برسٽ هڻي کين قتل ڪري ڇڏيو، ٽنهي مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ٽن نوجوان جي قتل واري واقعي بعد علائقي ۾ خوف هراس ڇانئجي ويو، جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

ڌرين ۾ سَر لُڻڻ جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو شروع ٿيو

صدرجي ڀٽيون: ڌرين ۾ هڪ سال اڳ ڪچي جي علائقي ٻنڊي ۾ سر لڻڻ جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو شروع ٿيو هو، جنهن ۾ پٺاڻ جوڻيجو جي ڌر گوليون هڻي نوجوان بخت علي جوڻيجو کي قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ سونو جوڻيجو ڌر ٻڪريون چاريندڙ ٻن معصوم ڌنار نينگرن 13 ورهين جي اسلم ۽ 10 ورهين جي سليم جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

 

تڪرار ۾ ڌرين جا ٻن نينگرن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا

صدرجي ڀٽيون: سونو جوڻيجو ۽ پٺاڻ جوڻيجو ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا ٻن نينگرن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته علائقي جي معززن ڪيترائي ڀيرا ڌرين ۾ سرچاءَ جي ڪوسش ڪئي آهي پر اهي ناڪام ٿيا آهن.

پوليس 2 ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا

صدرجي ڀٽيون: واقعي جي اطلاع باجود صادق ڪلهوڙو ٿاڻي جي پوليس ٻن ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.