سرگوڌا(م ڊ) سرگوڌا ۾ توهينِ مذهب جي الزام هيٺ ٻن خاندانن تي حملي جو ڪيس عورتن سميت 500 جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن. هڪ ڏينهن اڳ سرگوڌا جي مجاهد ڪالوني ۾ عيسائي خاندانن تي مبينا توهين مذهب جي الزام هيٺ مڇريل ماڻهن حملو ڪري هڪ ڄڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو هو. واقعي جي ٻئي ڏينهن پوليس ڪيس داخل ڪيو. پوليس موجن هنگامو ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ چاليهه کان وڌيڪ عورتون به نامزد ٿيل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هنگامو ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ۽ گھر ۽ ڪارخاني کي ساڙڻ جي الزام هيٺ 28 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. پوليس عملدارن ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار پهرين ئي گرفتار آهي ۽ ان خلاف به ڪيس داخل ٿيل آهي. سڄي ضلعي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي. گرجا گھرن جي ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته متاثر مجاهد ڪالوني ۾ به پوليس لاڳيتو مقرر ٿيل آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سرگوڌا جي مجاهد ڪالوني ۾ هڪ شخص تي مذهب جي توهين جي الزام هيٺ حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، مڇريل ماڻهن ٻن عيسائي خاندانن کي تشدد جو نشانو بڻايو هو. جن مان پوليس پهچي هوائي فائرنگ ڪري توهين مذهب جي الزام هيٺ آيل شخص کي ڀاتين سميت بچائي کڻي وئي هئي.