اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هميشه تائيوان مامري تي چين جي موقف جي اصولي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان  چائنا پاليسي تي عمل ڪري ٿو ۽ تائيوان کي عوامي جمهوريه چين جو اڻٽٽ حصو تسليم ڪري ٿو. قومي اتحاد لاءِ پاڪستان چيني حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. وزيراعظم اهو به چيو آهي ته تائيوان ۾ نام نهاد چونڊون يا خود ساخته حڪومت جي منتقلي سان تائيوان جي حقيقتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.