راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي. هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير  پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ايس آءِ ايف سي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني کي ملاقات لاءِ ڪانفرنس روم آندو ويو هو. ملاقات ۾ پارٽي معاملا ۽ ملڪي سياسي صورتحال جي باري ۾ به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کان پوءِ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير اڊيالا جيل مان واپس روانو ٿي ويو. ياد رهي ته علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن ايس آءِ ايف سي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهين ۾ چيو هو ته عمران خان هميشه چيو آهي ته هو پاڪستان جي خاطر ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ايس آءِ ايف سي اجلاس ۾ آرمي چيف سان 2 ڀيرا ڳالهيون ٿيون پر جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون هيون انهي جو ماحول نه هو.