لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي 9 مئي واقعن جي 8 ڪيسن ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لاهور پوليس اڊيالا جيل پهچي شاهه محمود قريشي جي گرفتاري عمل ۾ آندي. شاهه محمود قريشي ٻين ڪيسن ۾ اڳ ئي اڊيالا جيل ۾ گرفتار ٿيل آهي. شاهه محمود قريشي اڄ ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيندو.  ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي جي گرفتاري تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ پاران چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري جو ڪو جواز ناهي، جن ڪيسن ۾ گرفتاري وڌي وئي آهي انهن ۾ عدالت پاران کيس ضمانت ڏنل آهي. سائفر ڪيس جو رد جي ٽوڪري جي نظر ٿيڻ گھرجي. عدالتي فيصلي کي عملي طور غير موثر قيد ۾ر کڻ لاءِ قانون جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ باني جي نظريي تي بيهڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.