اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي  حڪومت گڏجي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزيرن ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بجلي لوڊشيڊنگ سميت ٻين معاملن تي ڳالھه ٻولھه دوران اهم اڳڀرائي ٿي ، وفاق ۽ ڪي پي جي نمائندن گڏجي معاملن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي ، ملاقات ۾ وفاقي وزيرن ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير وچ ۾ سومر تي ٻيهر ملاقات جو به فيصلو ڪيو ويو.