لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملو ڪالعدم ٽي ٽي پي ڪيو، سموريون شاهديون موجود آهن ته بشام حملي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اسان لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا، ٻئي ملڪ مختلف فورمز تي هڪٻئي جي حمايت ڪن ٿا، اهي اسان جي بهتري ۽ اسان انهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا آهيون، پاڪستان ۾ چيني شهرين تي حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي ملوث آهي، چيني شهرين تي باقاعدي طور منصوبابندي سان حملو ڪيو ويو، دشمن ملڪ حملو ڪرايو، سموريون شاهديون موجود آهن ته بشام واقعو ڪالعدم ٽي ٽي پي ڪيو، ثبوت ڏيڻ باوجود اڃا تائين افغان حڪومت ڪو جواب ناهي ڏنو. سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي سرحدن تي سيڪيورٽي وڌائي آهي، حڪومت ڄاڻي ٿي ته ڪهڙيون طاقتون امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، چيني شهرين جي سيڪيورٽي اسان لاءِ تمام ضروري آهي، چيني شهرين جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، محسن نقوي چيو ته افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر اهو ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي ته افغانستان سهڪار ڪري، افغانستان دهشتگردن خلاف ٽرائل ڪري يا انهن کي اسان جي حوالي ڪري.