اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) ڪويت جي امير ۽ قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. وزير اعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته وزيراعظم سان پاڪستان ۾ مقرر ڪويت ۽ قطر جي سفيرن الڳ الڳ ملاقات ڪئي. ڪويت جي سفير وزيراعظم کي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح جو خط پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪويت جي امير جي پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ جو پيغام موجود آهي. قطر جي سفير وزيراعظم کي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جو خط پيش ڪيو، جنهن ۾ قطر جي امير پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. وزير اعظم جو چوڻ آهي ته هي پاڪستان جي ڪويت ۽ قطر سان ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ ترقيءَ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ڪويت جي امير ۽ قطر جي امير جو دورو ڪويت ۽ قطر سان پاڪستان جي سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ اثرائتو ثابت ٿيندو.