پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي پارٽي جي معاملن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پارٽي ۾ ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جن تي چُپ رهجي ته بهتر آهي، عمران خان جي عزت ۽ پارٽي اتحاد لاءِ چُپ آهيان، جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهيان نٿو ٻڌائي سگهان پر پارٽي ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ڪجهه معاملا اهڙا آهن جن تي چُپ رهڻ ڏوهه هوندو، صحيح وقت اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته مون کي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جو انتظار آهي، 24 مئي تي به مون کي ملڻ نه ڏنو ويو، پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيڪڏهن واقعي اسان مخلص آهيون ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي يقيني بڻائڻي پوندي.