اسلام آباد (م ڊ) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض چيو آهي ته مون تي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان سمجهوتي لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ آهي پر استعمال نه ٿيندس. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ملڪ رياض چيو ته مان ڪڏهن به ڪنهن کي اجازت نه ڏيندس ته مون کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري، سڄِي زندگي الله مون کي پنهنجي اصول تي قائم رهڻ جي همت ڏني. هن چيو ته ملڪ ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ پراجيڪٽ متعارف ڪرائڻ تي مون کي ۽ منهنجي ڪاروبار کي نشانو بڻايو پيو وڃي، 1996 کان اڄ تائين ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته مان ماضي ۾ به اهڙي قسم جي دٻاءَ کي ڀرپور طاقت ۽ همت سان منهن ڏنو، اڄ به اهو چوندس ته مون کي استعمال ڪرڻو آهي ته منهنجي لاش مٿان گذرڻو پوندو، بيماري ۽ پريشاني باوجود ثابت قدم آهيان. ملڪ رياض چيو ته مان روز مالياتي ۽ ڪاروباري نقصان برداشت ڪري رهيو آهيان ۽ مون کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي پر دٻاءَ باوجود هٿيار ڦٽا نه ڪندس.