جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي لاڪ اپ مان گذريل رات سنگين ڪيسن ۾ گهربل ٻه جوابدار يار محمد عرف يارو جکراڻي ۽ امتياز عرف امتو جکراڻي فرار ٿيڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. يارو جکراڻي سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته مولاداد ٿاڻي جي ايڇ او اشتياق پٺاڻ، وڏي منشي منظور سومرو سميت ٻين اهلڪارن 4 لک وٺي آزاد ڪيو آهي جنهن کانپوءِ هاڻي لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڪابه صداقت ناهي جڏهن ته فرار ٿيندڙ هڪ ٻئي جوابدار امتياز عرف امتو جکراڻي بااثرن معرفت پوليس کي هٿ ڏنو آهي، پوليس پاران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي هوڏانهن لاڪ اپ مان جوابدار فرار ٿيڻ واري معاملي جو مولاداد ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل اول خير بروهي، اهلڪارن محمد ايوب طارق حسين کي نامزد ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مٿين اهلڪارن غفلت ڪئي آهي لاپرواهي سبب جوابدار فرار ٿيا آهن جوابدارن کي اهلڪارن ڀڄايو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو آهي ته هڪ جوابدار امتياز عرف امتو جکراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٻئي جوابدار يارو جکراڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته غفلت ڪرڻ تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب سختيءَ سان نوٽيس وٺندي فرضن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته اهم فرضن ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ۽ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ملوث اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.