شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

0
32
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جو هفتو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، گذريل ڏينهن شهيد نصرالله جي امڙ پٺاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي پهتي ته عملو غائب ٿي ويو

 ان کان اڳ شهيد جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتو ته شهيد جي امڙ کيس فريادي ٿيڻ کان روڪي ورتو

 شهيد نصرالله جي امڙ پٺاڻي جو چوڻ آهي ته هڪ پٽ اڳ ئي شهيد ٿي چڪو آهي، ٻئي پٽ کي فريادي بڻائي مارائڻ نه ٿي چاهيان، مائي جندو جيان ڏاٽو کڻي قاتلن جون منڍيون لاهينديس

هن جو چوڻ هو ته  2 سال اڳ منهنجي پٽ تي فائرنگ ڪئي وئي هئي پر کيس الله بچايو، هيل خبر نه آهي ته حملو ڪندڙ ڪير هئا