ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ ناري ۽ پورھيت پاران آپگهات جي ڪوشش، اسپتال منتقل. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص جي ميرآباد واري علائقي ۾ 2 ٻارن جي ماءُ ستارا گھر ۾ گھرو اڻبڻت سبب پنهنجي مڙس کان ناراض ٿي جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي پنهنجي سھري پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص سول اسپتال آندو ويو جتي سندس علاج ھلندڙ آھي، ٻئي طرف جھنڊو مري واري علائقي ۾ 30 ورھين جي بابو ميگھواڙ گھرو پريشانين کان تنگ ٿي جيت مار دوا پي ڇڏي جنهن کي به ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو.