جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ ناري پنھنجي اسڪول جي استاد سان 7 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪري ڇڏي، شادي ڪندڙ جوهي واسڻ ناري مهڪ پري مُغل چيو آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، هن پنهنجي مرضي سان جوهي جي ڳوٺ حافظ فيض محمد لُنڊ جي رهواسي نوجوان منظور لُنڊ سان پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن سبب پُڦي نگهت پروين مونکي ۽ منهنجي مُڙس توڙي سندس عزيزن کي جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي امڙ منهنجي شادي ۾ راضي آهي پر پُڦي منهنجي امڙ کي پنهنجي ڀاءُ هٿان طلاق ڏيارڻ جا داٻا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته مون تي ڪوبه تشدد ڪونه پيو ٿئي ۽ نه ئي منهنجي حياتي خطري ۾ آهي، هن مطالبو ڪيو ته کيس مرضي موجب مڙس سان زندگي گذارڻ ڏني وڃي.