نوري آباد (ن پ ا) موٽروي ايم نائين تي ڪراچي کان سعيد آباد ويندڙ ڪار ۽ مزدا ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون، فوتي جي سڃاڻپ ملڪ حڪيم عبدالحميد طور ٿي، جڏھن ته ڪار ۾ َسوار 3 عورتن حميده خاتون، عائشا زال صابر ۽ مسمات لائبا سخت زخمي ٿي پيون، زخمين۽ فوتي جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڄاڻ موجب ته  ڪار ۾ سوار هڪ ئي خاندان جا ڀاتي هئا، جيڪي ڪراچي ڪورنگي ڪراسنگ جا رهواسي هئا.  پوليس مزدا تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.