گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ نهال خان لاکو واسي گم ٿيل اٺين ڪلاس جي شاگرد سجاد احمد لاکي جو پتو نه پيو. شاگردن ۽ استادن پاران احتجاجي ريلي، شاگرد جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل. ان موقعي تي استاد عبدالقيوم ڄامڙو، استاد رفيق احمد لاکو، سهيل احمد لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اٺين ڪلاس جو شاگرد سجاد احمد لاکو هڪ هفتي کان پراسرا نموني گم ٿي ويو آهي. شاگرد جي گمشدگي سبب ٻين شاگردن تي به خوف ڇانيل آهي. گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شاگرد سجاد احمد لاکو جي ڳولا ۾ مدد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.