مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ دڪاندار پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي مهراج پاڙي ۾ 50 ورهين جي دڪاندار امرت آچاريه پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آپگهات ڪندڙ گئس جو دڪان هلائيندو هو، جڏهن ته خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي، پوليس موجب ظاهري طور واقعو آپگهات آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 24 ڪلاڪن دوران خودڪشي جا 4 واقعا رپورٽ ٿيا آھن، جڏهن ته هلندڙ مهيني خودڪشي واقعن جو انگ 14 ٿي ويو آھي.