نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ۾ برسات جي بيٺل پاڻي ۾ وهنجندي نينگر  ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ نوري آباد بادل پيٽروليم پمپ ڀرسان کڏ ۾ گڏ ٿيل برسات جي  پاڻي ۾  وهنجندي پندرهن ورهين  جو جئه پرڪاش  ولد دولت رام ڪلائي ٻڏي ويو، ٽن ڪلاڪن جي ڳولا بعد وارثن ۽ مقامي  رهواسين پنهنجي مدد پاڻ   نينگر جو پاڻي مان لاش ٽوٻن وسيلي  هٿ ڪيو، جئه پرڪاش ٻين نينگرن سان پاڻي ۾ وهنجڻ آيو هو ٻڏي وڃڻ بعد ٻين نينگرن  وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد کيس جمع ٿيل برسات  پاڻي ۾ ڳولا ڪرڻ بعد  سندس  لاش پاڻي مان ڪڍيو جنهن کي مهراڻ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي فوتي نينگر جو مڙه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي سندس آخري رسمن لا۽ ٿاڻو بولاخان کڻائي ويا.