جهڏو (ن پ ا) جهڏو_ ميرپورخاص مين روڊ تي ڀاڳو فقير قبرستان وٽ 45 ورهين جي مستاني نوجوان جو لاش روڊ تي لاوارث حالت ۾ پيل ڏسي مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان ايس ايچ او جهڏو وجي ڪمار کتري ٻڌايو ته هٿ آيل لاش مستاني شخص جو آهي، جنهن کي ڪو نامعلوم گاڏي وارو ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو هو، جنهن بعد نوجوان روڊ تي فوت ٿي ويو آهي، اسان لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جهڏو اسپتال منتقل ڪيو آهي، هوڏانهن لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد پوليس لاش لاوارث ڄاڻائي ايدهي حوالي ڪري ڇڏيو.